بابر اعظم جو قذافي ۾ ون مين شو، اسلام آباد خلاف شاندار سينچري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 11 هين ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ۽ اسٽار بيٽر ٽورنامينٽ جي ٻي ۽ پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪري ورتي آهي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم۾ اسلام آباد خلاف پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن م پنج وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Pakistan Super League (@thepsl)


ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ٻي سينچري اسڪور ڪئي.
بابر اعظم 63 بالن تي 176.19 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان بيٽنگ ڪندي 111رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ ٻه ڇڪا ۽ 14 چوڪا پڻ شامل هئا.
واضح رهي پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ اِها ٻي سينچري آهي ان کان لاهور قلندر ز جي وين ڊر ڊوسن پشاور زلمي خلاف سينچري اسڪور ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.