بدقسمتي سان ايوان صدر مان آئين تي حملو ٿي رهيو آهي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته صدر جو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب نه ڪرڻ آئين جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ رضا رباني صدر عارف علوي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هن وقت پاڪستان جو آئين دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، بدقسمتي سان هن وقت آئين تي جيڪو حملو ٿيو، اهو ايوان صدر مان ٿي رهيو آهي، ايوان صدر مختلف وقتن ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
هن چيو ته ايوان صدر آرٽيڪل 91 جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، آئين چئي ٿو ته 21 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ کانپوءِ اجلاس طلب ڪرڻ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.