مراد علي شاهه کي ٽيون موقعو مليو آهي ۽ هو ان جو حقدار آهي: محمد بخش مهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي محمد بخش مهر چيو آهي ته پ پ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، جتي امن هوندو، ترقي به اتي ٿيندي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي محمد بخش مهر چيو ته پ پ ۽ چيئرمين جو نظريو اهو آهي ته جيڪو ڊليور ڪندو ان کي ئي موقعو ملندو، مراد علي شاهه کي ٽيون موقعو مليو آهي ۽ هو ان جو حقدار آهي.
هن چيو ته مراد علي شاهه ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي آهي، اسان کي خبر آ ته وڏا ڪم ڪرڻا آهن، الله پاڪ جنهن کي ذميواري ڏيندو آهي، ان کي مضبوط ڪلها به ڏيندو آهي، اسان کي جيڪو مينڊيٽ مليو آهي، اهو ڪم ڪرڻ سبب مليو آهي.
سندس چوڻ هو گهوٽڪي جي حوالي سان درخواست آهي ته اتي امن امان جي صورتحال خراب آهي، جنهن لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.