هن عمر ۾ به نوجوان ڇوڪرا ميسج ڪري شادي جي آڇ ڪري چڪا آهن، صبا فيصل جا دلچسپ انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل انڪشاف ڪيو آهي ته کيس عمر جي هن حصي ۾ به ڪيئي نوجوان ڇوڪرا ميسج ڪري شادي جي آڇ ڪري چڪا آهن.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڪڏهن ڪنهن جنوني مداح سان مليا آهيو جيڪو صفا چريو هجي؟ چريائپ جي حد تائين اوهان مان متاثر هجي يا وري اوهان کي پيعام وغيرا موڪلي تنگ ڪندو هجي؟
جنهن جي جواب ۾ صبا فيصل چيو ته شايد مداحن کي لڳي ته مان ڏاڍي بور آهيان پر حقيقت اِها آهي ته مون سان ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، گڏوگڏ هن ٻڌايو ته مداحن طرفان ميسجز ايندا رهندا آهن.
اداڪارا ٻڌايو ته تازو ئي هڪ 22 ورهين جي ڇوڪري پيغام موڪليو ۽ لکيو ته اوهان هن عمر ۾ به مون کي گرين سگنل ڏيو ته اوهان لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن اوهان ها ڪريو ته مان ترت اچي اوهان جو سڱ وٺڻ اچان، جنهن تي مان چيو ته منهنجي نوَن ورهين جي ڏوهٽي کان منهنجو هٿ گهرندئو؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.