مرتضيٰ ڀٽو ڪيس، غير حاضر 4 جوابدارن جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ۾ غير حاضر 4 جوابدارن جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو آءِ جي سنڌ واجد دراني ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت پيش نه ٿيندڙ 4 جوابدارن غلام مصطفيٰ، گلزار احمد، ظفر احمد ۽ اصغر ميمڻ جا 25 هزار رپين جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني ۽ ٻي کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي پوليس چيف شاهد حيات مرحوم جي ڀاءُ اپيل جي پيروي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ۽ عدالت شاهد حايت مرحوم جي ڀاءَ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد 4 پوليس آفيسر لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، جن ۾ شاهد حيات، شبير قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف شامل آهن.
عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي جوابدارن جي لاڏاڻي بابت تصديقي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار شعيب سڊل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي پوليس آفيسر شعيب سڊل کي سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ڪميشن جي اسائمينٽ ملي آهي، تنهن ڪري پيش نه ٿيو.
عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اپيلون 2010 کان ٻڌڻي هيٺ آهن، جلد اڪلائڻ چاهيون ٿا.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.