عامر خان ۾ مڙس طور ڪهڙيون خاميون هيون؟ اڳوڻي گهرواري ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پڇيو ته منجهس مڙس طور ڪهڙي خامي هئي جنهن تي هن کيس انهن خامين بابت ٻڌايو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙ ۾ هڪ تقريب دوران عامر خان پنهنجي ۽ ڪرن رائو بابت هڪ دلچسپ واقعو شيئر ڪيو، جنهن ۾ عامر ٻڌايو ته ڪهڙي ريت ڪرن رائو طلاق کانپوءِ کيس 10 کان 15 پوائنٽون لکرايون ۽ هڪ مڙس طور سندس خامين کي ظاهر ڪيو.
ڪرن سان دوستيءَ بابت عامر ٻڌايو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان ڌار ٿي چڪا آهيون، هڪ شام مان ڪرن سان گڏ ويٺو هئس ۽ کائنس سوال ڪيو ته مڙس طور مون ۾ ڪهڙي کوٽ هئي؟ منهنجي زندگي جو سفر جاري آهي پر مان پاڻ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهان ٿو.
عامر موجب، ان کانپوءِ ڪرن کيس باقاعدي پوائنٽون لکرايون، هن کيس ٻڌايو ته اوهان تمام گهڻو ڳالهايو ٿا، پنهنجي ڳالهين تي قائم رهو وغيرا.
واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي پهرين گهرواري رينا دتا هئي جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي، ٻنهي وچ ۾ شادي جي 16 سالن کانپوءِ 2002ع ۾ طلاق ٿي هئي.
ان کانپوءِ عامر خان فلمساز ڪرن رائو سان ٻي شادي 28 ڊسمبر 2005ع ۾ ڪئي هئي، ٻئي مشهور فلم لگان جي عڪسبندي دوران هڪٻئي جي ويجهو آيا، جتي ڪرن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ته عامر خان فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو.
عامر خان ۽ ڪرن کي هڪ پٽ آزاد خان جو اولاد آهي جڏهن ته 2021ع ۾ جوڙي ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، طلاق باوجود ٻنهي پٽ آزاد لاءِ سٺي دوست ۽ مخلص والدين جا فرض نڀائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.