بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدارن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عوام کي پنهنجي مختلف قدمن جي حوالي سان تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ جعلي پيغامن کان هوشيار رهڻ لاءِ هڪ واٽس ايپ چئنل شروع ڪري ڇڏيو.
سرڪاري ذريعن موجب پروگرام مان فائدو کڻندڙ موجوده ۽ امڪاني حقدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي بينظير انڪم سپورٽ جي سڀني پروگرامن جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بي آءِ ايس پي جو سرڪاري واٽس ايپ چئنل ڏسن.
ان کان اڳ بي آءِ ايس پي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي سهڪار سان هڪ جديد ڪال سينٽر قائم ڪيو هو، جنهن جو مقصد پروگرامن بابت ڄاڻ جي فراهمي ۽ حقدارن جي شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.