عشق ۾ انڌي نوجوان چَپن تي پنهنجي محبوبا جي نالي جو ٽيٽو ٺهرائي ڇڏيو!

ڀارتي نوجوان محبت ۾ حد پار ڪري ڇڏي، هن پنهنجي چَپن جي اندروني حصي تي محبوبا جو نالو لکرائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ نوجوان محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چپن جي اندروني حصي تي سندس نالي جو ٽيٽو ٺهرائي ڇڏيو.
مقامي ڪلينڪ ۾ نوجوان پنهنجي گرل فرينڊ جو نالو لکرايو، هن پنهنجي چپن جي اندروني حصي تي نالو لکرايو، جيڪو انتهائي نازڪ هوندو آهي.
نوجوان ڪاري رنگ سان پنهنجي گرل فرينڊ جي نالي جو ٽيٽو ٺهرايو آهي.
توڙي جو اهو انتهائي بي وقوفاڻو ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، جيڪو نوجوان کي نقصان به پهچائي سگهي ٿو پر نوجوان جي محبت ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.