اسڪولن جي ڪلاس رومن ۾ استادن جي موبائل فون استعمال تي پابندي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن جي ڪلاس رومز ۾ استادن لاءِ موبائل جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ان حوالي سان صوبائي تعليم کاتي سڀني ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.
خط ۾ اسڪول سربراهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل عملو صبح جي وقت اسٽاف کان موبائل فون وٺي.
ايمرجنسي دوران اسڪول سربراهه لينڊ لائن فون تان رابطو ڪندا، اسڪول اسٽاف بريڪ يا فري پيريڊ دوران موبائل کي استعمال ڪري سگهندا.
خط موجب اسڪولن ۾ فوٽو گرافي يا وڊيوز ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل اسڪول سربراهه کان اجازت وٺڻ لازمي هوندي.
فيصلو شاگردن جو قيمتي وقت ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.