ماڻهو ڪجهه به چون پ پ پنهنجو ڪم ڪندي رهندي: قائم علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه پ پ قيادت طرفان مراد علي شاهه جي چونڊ جي تعريف ڪئي آهي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي قائم علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مراد علي شاهه جي چونڊ بلڪل ٺيڪ ڪئي آهي.
هن چيو ته ماڻهو ڪجهه به چون، پ پ پنهنجو ڪم ڪندي رهندي، تنقيد اهي ڪن، جن پاڻ به ڪجهه ڪيو هجي، جيڪو ڪم 15 سالن ۾ ٿيو، اهو ان کان اڳ 40 سالن ۾ نه ٿيو هو.
سندس چوڻ هو منشور ته رڳو پ پ ڏنو آهي، ٻين جماعتن کي خبر ناهي ته ڪيئن ووٽ ملي ويا، اسان کان سوال ڪندڙ ٻڌائين ته انهن 40 سالن ۾ ڇا ڪيو، ماڻهن کي اميد به ان مان ئي هوندي آهي، جيڪو ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.