هاڻي گاڏيون اک جي اشاري سان هلنديون!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )سمارٽ ڊيوائسز تيار ڪندڙ چيني ڪمپني آنر اسپين ۾ موبائيل جي اسڪرين تي اک جي اِشاري سان گاڏي پاڻمرادو اسٽارٽ ٿيڻ ۽ هلڻ جي نمائش ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آنر اهڙن طريقن تي ڪم ڪري رهيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس آءِ ٽريڪنگ کي ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهجي ٿو.
يعني سمارٽ فون هٿرادو ذهانت تحت اک جو اشارو سمجهي سگهي ٿي، ان سلسلي ۾ ويجهڙ ۾ ڪمپني طرفان اڳڀرائي سامهون آئي.
رپورٽ موجب، اسپين ۾ تجربي دوران ماڊل جي اک جي اشاري سان گاڏي واپس پوئتي به اچي سگهي ٿي، آزمائش دوران آنر جي ميجِڪ سڪس پرو سمارٽ فون جو استعمال ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.