انگلينڊ جو ” بيز بال“ فارمولو ناڪام، رانچي ٽيسٽ ۽ سيريز ڀارت جي نانءِ

رانچي(ويب ڊيسڪ ) ڀارت چوٿين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان هارائي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
رانچي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ جي 192 رنسن جي جواب ۾ ڀارت ٻي اڻپوري اننگز بنا ڪنهن نقصان جي 40 رنسن تان شروع ڪئي ۽ پنج وڪيٽن جي نقصان تي گهربل هدف حاصل ڪري ورتو.
ڪپتان روهت شرما 55 يشسوي جئسوال 37 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شُڀمَن گِل 52 ڌروو جوريل 39 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
انگلينڊ جي شعيب بشير 3، جوئي روٽ ۽ ٽام هارٽلي 1- 1 وڪيٽ وڪيٽ حاصل ڪئي.
انگلينڊ جي پهرين اننگز ۾ جوئي روٽ جي ناقابلِ شڪست 122 جي مدد سان 353 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ زيڪ ڪرولي کانسواءِ سندن ڪو به بيٽر وڪيٽ تي گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ سموري ٽيم 145رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.
ڀارت پهرين اننگز ۾ ڌروو جوريل جي 90 ۽ يشسوي جئسوال جي 73 رنسن سبب 307 رنسون اسڪور ڪيون هيون.
ڀارت جي ڌروو جوريل کي شاندار اننگز تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ڀارت ۾ پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ ست مارچ تي ڌرمشالا ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.