عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 14 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون ٻه ڊالر گهٽجڻ سان 2054 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.