سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير ۾ ڏند چڪ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن سبب اجلاس ختم ڪرڻو پئجي ويو.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو پر ان ۽ صحت واري وزير وچ ۾ تڪرار سبب اجلاس ختم ڪرڻو پئجي ويو.
صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز چيو ته مون کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو، جيڪو سٺو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ رنڊڪ وڌي وئي.
هن الزام هنيو ته وڏي وزير سڌي ريت ۽ صحت سيڪريٽري ذريعي منهنجي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته توهان غلط بياني ڪري رهيا آهيو، مان سڀني وزيرن سان هر ممڪن سهڪار جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن موجب گرما گرمي سبب سنڌ ڪابينا اجلاس ختم ڪرڻو پئجي ويو پر اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ به تڪرار ٿيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.