پئسن خاطر همراهه پنهنجون ئي ڄنگهون ڪپرائي ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ميسوري جي هڪ شخص انشورنس جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڄنگهون ڪپرائي ڇڏيون ۽ ان کي ٽريڪٽر حادثو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب هاويل ڪائونٽي شيرف جي آفيس تازو ئي هڪ عجيب ڪيس جي جاچ مڪمل ڪئي، گذريل سال نومبر ۾ 60 ورهين جي شخص دعويٰ ڪئي هئي ته هو مبينا طور تي حادثي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجون ڄنگهون وڃائي ويٺو آهي.
ان شخص ٻڌايو ته سندس ڄنگهون ٽريڪٽر تي لڳل مشين سان ڪپجي ويون، جاچ ۾ خبر پئي ته ڄاڻايل شخص جي ڪهاڻي ۾ ڪجهه اهڙا پهلو هئا، جن تي شڪ واضح هو.
ان شخص دعويٰ ڪئي ته سندس ڄنگهون ڪپجي ويون آهن پر ڪٿي به ڄنگهه هٿ نه آئي ۽ پوءِ ان جا زخم ايترا صاصف هئا جو نه لڳي رهيو هو ته سندس ڄنگهون ٽريڪٽر چِٿيون آهن.
جاچ ڪندڙ هڪ اهلڪار پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن حادثو ٿئي ها ته ڀرپاسي رت نظر اچي ها پر ائين نه هو، مان اڳ به اهڙي قسم جا حادثا ڏسي چڪو آهيان.
حادثي واري هنڌ گهرايل آفيسرن ۽ طبي عملي به شڪ شبها ظاهر ڪيا ته نٿو لڳي ان شخص جون ڄنگهون ٽريڪٽر سان ڪپجي ويون هجن، پوءِ وڌيڪ جاچ سان خبر پئي ته ان شخص انشورنس جي پئسن لاءِ پاڻ پئسا ڏئي پنهنجون ڄنگهون ڪپرايون هيون.
جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڄاڻايل شخص اڌ رنگ جو مريض هو، جڏهن کيس خبر پئي ته سندس ڄنگهون ڪنهن ڪم جون ناهن ته هن انشورنس فراڊ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.