لاها چاڙها زندگيءَ جو حصو آهن، تڪبر نه ڪرڻ گهرجي: رومان رئيس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پي ايس ايل فرنچائز اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر رومان رئيس چيو آهي ته لاها چاڙها زندگيءَ جو حصو آهي، زندگي مان سبق سکيو آهي ته ڪڏهن به تڪبرنه ڪرڻ گهرجي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر رومان رئيس چيو ته اسلام آباد يونائيٽڊ سان فيملي وارو تعلق آهي، يونائيٽڊ سان پهرئين سيزن کان ايمرجنگ رانديگر طور سفر شروع ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد سان سٺي خراب وقت ۾ گڏ رهيس، پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن دوران انجرڊ ٿيس ته فرنچائز سپورٽ ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ رومان رئيس چيو ته ائين ناهي ته مايوسي ناهي ٿيندي، سوچيندو آهيان ته انجري مون کي ٻاهر ڪري ڇڏيو، لاها چاڙها زندگي جو حصو آهن جنهن کي قبول ڪرڻو پوندو آهي.
رومان رئيس اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سيزن دوران اسان جي ٽيم بهترين آهي، بدقسمتي سان پرفارمنس ۾ تسلسل ناهيون آڻي سگهيا، اِها سٺي شيءِ آهي ته ايونٽ جي شروع ۾ ئي غلطيون سامهون آيون آهن، غلطين مان سکي سٺو ڪامبينيشن ٺاهي ٽرافي کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.