پاڪستان ۾ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جي تجويز منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پينشن جي ادائيگين جي بار کان وقتي طور جان ڇڏائڻ لاءِ رٽائرمينٽ جي عمر 60 سالن مان وڌائي 62 سال ڪرڻ جي تجويز تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي 3 نڪتن تي ٻڌل سمري موڪلي هئي، جنهن ۾ پينشن جو شمار سروس جي آخري ٽن سالن ۾ ورتي ويندڙ پگهارن موجب ڪرڻ ۽ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺندڙن جي پينشن ۾ 3 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ جي تجويزن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 مان وڌائي 62 سال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن وقتي طور تي ناڻي تان ادائيگين جو بار ٽاري سگهجي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جو مدو ٻه سال وڌائڻ جي تجويز جي منظوري جو آفيس ميمورنڊم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزارت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي او ايم تي قانون واري وزارت ۽ اي سي سي کان منظوري وٺڻ کانپوءِ سمري حتمي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي موڪليندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.