منهنجي آفيس ۽ دل جا دَر اپوزيشن لاءِ به هر وقت کليل آهن: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته منهنجي آفيس ۽ دل جا دَر هر وقت اپوزيشن لاءِ به کليل آهن.
پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اپوزيشن وارا هتي هوندي گوڙ ڪن ها ته مون کي خوشي ٿئي ها، اپوزيشن جي نه هجڻ تي افسوس آهي، مان انهن جي به وزير اعليٰ ۽ نياڻي آهيان.
هن چيو ته مان رڳو ن ليگ جي نه پر سڄي پنجاب جي وزير اعليٰ آهيان، تنهن ڪري اپوزيشن کي به جڏهن منهنجي ضرورت هوندي ته مان موجود هونديس.
سندس چوڻ هو ته اسان مسئلن جا بهترين حل پيش ڪنداسين، رمضان ۾ عوام کي رليف ڏينداسين، اڄ کان ئي مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ مانيٽرنگ شروع ڪري رهي آهيان.
مريم نواز خطاب دوران ماءُ جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو ۽ چيائين ته اسان تي ڏاڍو ڏکيو وقت آيو، سڀ ڪجهه اسان جي خلاف هيو، ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو پر اسان ميدان خالي نه ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.