پاڪستاني ڪرڪيٽر زالن کي پرڏيهي دورن تي نه وٺي وڃن، رميز راجا جي صلاح

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته سندس ذاتي راءِ موجب ڪرڪيٽرز کي پنهنجي زالن کي پرڏيهي دورن تي نه وٺي وڃڻ گهرجي.
رميز راجا ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته شادي کانپوءِ ڪرڪيٽرز کي مس فٽ ڏٺو ويو؟ ائين ڇو آهي؟
جنهن جي جواب اڳوڻي پي سي بي چيئرمين چيو ته مان به اهڙي صورتحال مان گذري چڪو آهيان پر منهنجو خيال آهي ته زالون ويچاريون بنا سبب زد ۾ اچي وينديون آهن.
سندس چوڻ هوته هو پنهنجي گهرواري کي هڪ ٽور تي به وٺي ويو آهيان ڇو ته هن کي اندازو آهي ته گهرواري جي ڪري سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تان هٽي ويندو.
رميز راجا چيو ته هاڻي ڪرڪيٽ ناهيان کيڏندو ڪامينٽري ڪندو آهيان پر جيڪڏهن مان هاڻي به زال کي وٺي ويندس ته ممڪن آهي ته جيڪو اٺ ڪلاڪ ڪامينٽري دوران خوش نظر ايندو آهيان، زال جي آڏو ايندي منهنجو منهن سُڄي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ننڍڙن ٻارن سان سفر تي رانديگر کي ويهاري ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان اسٽيڊيم ۾سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ته هوٽل پهچي ٻار جو پيمپر بدلائڻو آهي، زال کي شاپنگ تي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اوهان جو موڊ ڪيئن صحيح رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن لاءِ ضروري آهي ته دورو ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ هفتو فيملي سان گڏ رهن، پوءِ هو جيترو سير سفر ڪرڻ چاهن ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.