ٽي ٽوئنٽي سيريز، نيوزيلينڊ جا ٽاپ ڪلاس پليئر پاڪستان نه ايندا؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ ڪيوي ٽيم کي سينيئر ۽ تجربيڪار رانديگرن جي غيرموجودگي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ٽاپ رانديگرن جي خدمتن کان محروم هوندي ڇاڪاڻ ته سينيئر ۽ تجربيڪار رانديگر پاڪستان جي دوري دوران آءِ پي ايل کيڏڻ ۾ مصروف هوندا.
ڪين وليمسن، ڊيون ڪانوي، ڊيرل مچل، راچن رويندرا، مچل سينٽنر آءِ پي ايل فرنچائزز جو حصو آهن، لوڪي فرگوسن، ٽرينٽ بولٽ ۽ گلين فلپس به ڀارتي ليگ ۾ شامل آهن.
ڀارتي بورڊ 22 مارچ کان 7 اپريل تائين آءِ پي ايل جي شروعاتي21 ميچن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، آءِ پي ايل جي ٻئي مرحلي جي شيڊيول جو اعلان ڀارت ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، ڀارت ۾ اليڪشن اپريل ۽ مئي ٿينديون جڏهن ته آءِ پي ايل جو فائنل 26 مئي تي ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ٽيم جي پاڪستان جي دوري ۽ ليگ جي تاريخن ۾ ٽڪراءُ آهي، ڪيوي ٽيم کي اپريل جي وچ ڌاران پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.