استادن جا آفر ليٽر روڪڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: سردار شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سردار شاهه چيو آهي ته 60 هزار کان وڌيڪ استادن جا آفر ليٽر روڪيا ويا جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان هڪ کان پنجين گريڊ تائين ملازمن جي ڀرتي جو عمل روڪيو ويو، آئي بي اي استادن جي ڀرتي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ ڪئي ويندي.

هن چيو ته جڏهن مان تعليم جو وزير هئس تڏهن به اسڪولن جو بنيادي ڍانچو خراب هو، اسان ڊونر سان رابطو ڪيو ۽ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.