ڀٽو ڦاهي ڪيس، لڳي ٿو فيصلو ڏيندڙ جج پاڻ به متفق نه هئا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس تاريخ جو واحد فوجداري فيصلو آهي، جيڪو 935 صفحن تي ٻڌل آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس چيو ته توهان ٻين مددگارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا ته ٻڌائي ڇڏيو، جنهن تي عدالتي مددگار اڳوڻي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جو ٽرائل شفاف انداز ۾ نه هلايو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جو ٽرائل ٻيهر نٿو کولي سگهجي، سپريم ڪورٽ ان حد تائين ضرور قرار ڏئي سگهي ٿي ته ڪيس غلط طريقي سان هلايو ويو.
جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي ميرٽ تي نٿي وڃي سگهي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آهي.
عدالتي مددگار چيو ته سياسي مقصدن کانسواءِ ٻين معاملن تي عدالت راءِ ڏيڻ جي پابند آهي، جنهن تي جسٽس منصور چيو ته منهنجي خيال ۾ عدالت ڪيس ۾ رڳو ٽرائل شفاف ٿيڻ جي حد ڏسي سگهي ٿي.
خالد جاويد خان چيو عدالت کي اهو به ڏسڻو پوندو ته سڄي رياستي مشينري آمر ضياءُ الحق جي ڪنٽرول ۾ هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج آفتاب احمد چيو هو ته ذوالفقار ڀٽو سٺو مسلمان ناهي، کيس اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اها ڳالهه به سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آئي، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي آبزرويش کي غلط قرار نه ڏنو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج اهڙي ڳالهه ڪئي هئي؟ جيڪڏهن عدالت غلطي ڪري ته اسلام ڇا ٿو چئي؟ اسان کي رُخ درست ڪرڻ گهرجي.
خالد جاويد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو لکت فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جي آبزرويشن جو ذڪر آهي.
چيف جسٽس چيو ته ڪيس تاريخ جو اهو واحد فوجداري فيصلو آهي، جيڪو 935 صفحن تي ٻڌل آهي، ڪڏهن ايڏو وڏو فوجداري فيصلو لکيو ويو آهي ته ٻڌايو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته تفصيلي فيصلي سان لڳي ٿو ته جن ججن فيصلو ڏنو، اهي پاڻ به متفق نه هئا، تنهن ڪري ايترا تفصيل لکيا.
جسٽس منصور سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس جو ٽرائل ٻيهر ڪيئن ڏسي سگهي ٿي؟ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون ته سپريم ڪورٽ هاڻ ڪيئن ٻيهر جائزو وٺي؟
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به عدالت جي فيصلي جو جائزو وٺي سگهي ٿي، ججن جي آزادي ۽ انهن تي رياستي دٻاءُ هجي ته جائزو وٺي سگهجي ٿو.
جسٽس منصور ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ ٽرائل جي شفافيت ڏسي سگهجي ٿي پر طريقي ڪار ٻڌايو وڃي، هڪ صدارتي ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ فوجداري ڪيس جو ٽرائل ٻيهر ڪيئن کولي.
عدالتي مددگار خالد جاويد خان چيو ته مارشل لا دور ۾ جج آزاد نه هئا، جنهن تي جسٽس منصور چيو مان ڄاڻان ٿو ته ججن تي دٻاءُ هو پر هن ڪيس کي ڪيئن ٿو ٻڌي سگهجي، عدالتي رڪارڊ تي اهڙو مواد ڏيکاريو، جنهن سان ثابت ٿئي ته ججن تي دٻاءُ هو يا تعصب تي فيصلو ڪيو ويو، پوءِ ته چيو ويندو هر ڪيس کوليو وڃي.
پوءِ عدالت ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.