غزل گائيڪي جو وڏو نالو پنڪج پنهنجي ڪروڙين چاهيندڙن کي اُداس ڪري ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي غزل گائيڪ پنڪج اداس ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 73 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پنڪج اداس ممبئي جي نجي اسپتال ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، سندس ڌيءَ ناياب اداس انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پيءُ جي لاڏاڻي جي خبر شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس والد ڪافي ڏينهن کان بيمار هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ناياب اداس جيتوڻيڪ تصديق ڪئي ته سندس والد ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ديهانت ڪري ويو پر کيس ڪهڙي بيماري هئي ان بابت ڪا به وضاحت نه ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Nayaab Udhas (@nayaabudhas)


پنڪج اداس کي جي لاڏاڻي تي ڀارت سميت پاڪستان جي شوبز ۽ ميوزڪ انڊسٽري افسوس جو ظهار ڪندي سندس موت کي هڪ دور جي پڄاڻي قرار ڏنو.
پنڪج اداس جي فني سفر جو مختصر جائزو
پنڪج اداس غزل گائيڪ طور 1980ع ۾ ڳائڻ جي شروع ڪيو ، سندس پهريون البم ” آهٽ“ جي نالي سان رليز ٿيو جنهن نه رڳو ڀارت پر پاڪستان سميت پوري خطي ۾ ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.
پنڪج اداس جا شروعاتي ڪجهه سالن دوران مسلسل غزلن جا البم رليز ٿيا، جنهن کانپوءِ هن 1986ع ۾ مهيش ڀٽ جي سپر هٽ فلم ” نام “ جو مشهور گيت ” چٺي آئي هي“ ڳايو، جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ پنڪج اداس ليجنڊري گلوڪارا لتا منگيشڪر سان فلمن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پهريون ڀيرو هن لتا سان ” ماهيا تيري قسم “ ڳائي نوان رڪارڊ جوڙيا.
اهڙي ريت هن وقفي وقفي سان فلمن گيت ڳايا ۽ 1994ع ۾ آيل فلم مهرا ۾ ” نا گجري جي ڌار “ ڳايو ان کانپوءِ هن ساجن فلم ۾ به گلوڪاري ڪئي.
پنج اداس فلمن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ غزل به ڳائيندو رهيو ۽ سندس غزل نه رڳو ڀارت پر پاڪستان ۾ ڏاڍو پسند ڪيا ويا .
ڀارتي حڪومت 2006ع پنج اداس کي سندس فني خدمتن جي عيوض پدما شري ايوارڊ سان به نوازيو جڏهن ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا.
پنج اداس ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ سندس علاج هلندڙ، غزل جي دنيا جي هن مهان راڳي جو روح 26 فيبروري 2024ع تي سندس جسم مان پرواز ڪري ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.