پنو عاقل: مهر، جتوئي ڌرين ۾ تڪرار، 7 ڄڻا قتل

پنو عاقل: (ويب ڊيسڪ) پني عاقل ويجهو مهر جتويئ تڪرار تان 7 ڄڻا مارجي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ زمي جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

مهر ڌر هٿان جتوئي ڌر جا امام الدين، ولي محمد، پٺاڻ جتوئي، محمد عظيم، خوش محمد ۽ شهوال جتوئي مارجي ويا.

جتوئي ڌر هٿان مهر ڌر جو عبدالحفيظ مهر مارجي ويو.

جتوئي برادري جو چوڻ هو ته مهر برادري جا ماڻهو سندن ماڻهن جا لاش به کڻي ويا هئا جيڪي بعد ۾ واپس ڪيا ويا.

پوليس موقعي تي پهچي نه سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.