مريم نواز ملڪي تاريخ جي پهرين عورت وزير اعليٰ بڻجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پنجاب جي وزير اعليٰ چونڊجي وئي ۽ هن وزرات اعليٰ جو حلف به کڻي ورتو.
حلف برداري تقريب گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿي، جتي پنجاب جي گورنر محمد بيلغ الرحمان مريم نواز کان حلف ورتو.
ن ليگ قائد نواز شريف ۽ پارٽي صدر شهباز شريف به حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ان کان اڳ وزير اعليٰ جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نئين چونڊيل اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ ٿيو.
مريم نواز 220 ووٽ کڻي ملڪي تاريخ جي پهرين وزيراعليٰ چونڊجي وئي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اميدوار راڻا آفتاب هڪ به ووٽ حاصل نه ڪيو.
اسيمبلي اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر ووٽنگ جو طريقي ڪار ٻڌايو ته سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسپيڪر کين چپ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيندو آئين موجب ٿيندو پر ان باوجود سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن گوڙ جاري رکيو ۽ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.
اسپيڪر کين پرچائڻ جو ٽاسڪ خليل طاهر، عمران نذير، سلمان رفيق، سميع الله، سهيل شوڪت ۽ علي گيلاني کي ڏنو پر سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر ايوان ۾ واپس نه آيا ۽ بائيڪاٽ برقرار رکيو، جنهن تي اسپيڪر انهن جي غير موجودگي ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ۽ پوءِ ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.