ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جو مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو.
اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قائد ايوان جي چونڊ ٿي.
چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر اعلان ڪيو ته پ پ اميدوار مراد علي شاهه 112 ووٽ حاصل ڪري وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي علي خورشيدي 36 ووٽ حاصل ڪيا.
اسيمبلي ميمبر سردار شاهه ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ قلندر جي نگري لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، مراد علي شاهه هن تاريخي ايوان جو مسلسل ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊيو آهي.
هن چيو اها فخر جي ڳالهه آهي ته پيءَ کانپوءِ پٽ کي به اهو عهدو ملي.
You might also like