گنگا جمنا ويندڙ هندو ياترين جي ٽريڪٽر ٽرالي سان حادثو، 23 ڄڻا اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اشنان لاءِ گنگا جمنا وڃڻ دوران هندو ياترين جي ٽريڪٽر ٽرالي تيز رفتاري سبب ڍنڍ ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ 30 کان وڌيڪ هندو ياتري پنهنجي رسمن جي ادائيگي ۽ اشنان لاءِ گنگا جمنا درياهه وڃي رهيا هئا.
هڪ خطرناڪ موڙ ڪاٽيندي ٽريڪٽر ٽرالي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڍنڍ ۾ ڪري پئي ۽ سمورا مسافر ٻڏي ويا.
امدادي سرگرمين دوران ڍنڍ مان 23 ياترين جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 8 ڄڻن کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.