”شهباز سان مڱڻو ٽٽڻ کانپوءِ ماڻهن جي ڳالهين تي آپگهات جا خيال اچڻ لڳا هئا“

ناليواري گلوڪارا آئما بيگ اداڪار شهباز شگري سان بريڪ اپ تي ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي.
گلوڪارا تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران ميزبان کانئس شهباز شگري سان ٿيندڙ بريڪ اپ بابت پڇيو.
آئما بيگ چيو ته ڪجهه ڳجهيون ڪهاڻيون هيون، جيڪي پويان هلي رهيون هيون، انهن جي ڪنهن کي ناهي خبر ۽ مان ٻڌائڻ به نٿي چاهيان، ڇو ته شادي ٻن خاندانن وچ ۾ ٿيندي آهي، اسان جي خاندانن ۾ ڪڏهن ڪي مسئلا نه هئا، ٻنهي جون فيمليون سمجهه واريون هيون.
هن چيو ته بريڪ اپ جو فيصلو اسان جو گڏيل هو پر اهو فيصلو بنيادي طور تي منهنجو هو پر هاڻ مون کي لڳي ٿو ته منهنجو فيصلو وٺڻ جو طريقو غلط هو.
سندس موجب مان مڱڻو ٽٽڻ کانپوءِ مداحن لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ ميسيج ڇڏيو هو، جنهن کي عجيب انداز ۾ سمجهيو ويو ۽ ماڻهن مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن منهنجي زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه هلي رهيو هو ته مون کي آپگهات جا خيال اچڻ لڳا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.