ڀارتي فلمن جو ناليوارو هدايتڪار ڪمار شاهاڻي لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري جو ناليوارو فلم ڊائريڪٽر ڪمار شاهاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
83 ورهين جو ڪمار شاهاڻي انڊين پيرالل سئنيما جي بانين ۾ شمار ٿيندو هو ۽ هن بالي ووڊ انڊسٽري کي مايا ڌرپن، ترنگ، گٿا ۽ قصبا جهڙيون بهترين فلمون ڏنيون.
هو 7 ڊسمبر 1940 ۾ پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن فلم اينڊ ٽيلي ويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ تعليم پرائي.
فلم ”مايا ڌرپن“ تي کيس 1973 ۾ بهترين فيچر فلم جو نيشنل فلم ايوارڊ به ڏنو ويو، جڏهن ته سندس فلمسازي جو ڪيريئر 6 ڏهاڪن تي ٻڌل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.