گڏيل عرب امارتن ۾ پرفيومز جي ڊپو ۾ باهه، 9 پاڪستاني زخمي

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي شهر عجمان ۾ سينٽي ٽائزر ۽ پرفيوم جي ڊپو ۾ باهه لڳڻ سبب 9 پاڪستاني زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب عجمان ۾ سيني ٽائزر ۽ پرفيوم جي ڊپو ۾ باهه سبب سڙي زخمي ٿيندڙ ملازمن کي خليفه بن زيد اسپتال نيو ويو، جتي ٻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ سبب کيس ابو ظهبي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي ٿيندڙ سمورا ماڻهو پاڪستاني آهن، جن ۾ گلداد پٽ شاهنواز ڏاهري، نواب پٽ شاهه نواز، امام بخش پٽ خدا بخش سولنگي، محمد اڪرم پٽ دائود خان، شاهد پٽ ممتاز، ظهور پٽ محمد حيات، سڪندر پٽ عبدالرحيم، اڪبر پٽ خميسو ۽ اعجاز شامل آهن.
زخمي ٿيندڙ سمورا ماڻهو سنڌ جي ضلعي بينظير آباد ۽ ڊيرا غازي خان جا رهواسي آهن.
گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستاني سفير فيصل نياز ترمذي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين لاءِ نيڪ خواهشن ۽ سندن جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.
هن زخمي پاڪستانين کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.