چين: عمارت کي باهه لڳڻ سان 15 ڄڻا مارجي ويا

نانجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر نانجنگ ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لکڻ سبب 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

برطانوي اداري جي رپورٽ موجب نانجنگ شهر ۾ هڪ ڊگهي عمارت ۾ باهه لڳي وئي جڏهن ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو.

اختيارين ٻڌايو ته ايمرجنسي سروس جي عمکي کي مقامي وقت شام 4 لڳي 40 منٽ تي اطلاع ڏنو ويو جنهن سان 25 فائر انجڻ ۽ 130 فائر فائٽرز اچي پهتا. 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 44 زخمي ٿيا آهن، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.