ڪراچي: جَي يو آءِ جو شاهراهه فيصل تي لڳل ڌرڻو ختم، ٽريفڪ بحال

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ چونڊ نتيجن خلاف جمعيت علماءَ اسلام (ف ) طرفان شاهراهه فيصل تي ڪيئي ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ٿي ويو آهي .
جَي يو آءِ طرفان ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي سڄو ڏينهن جاري رهندڙ ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.
جي يو آءِ جي مقامي اڳواڻن دعويٰ ڪئي هئي ته سندن ڪجهه ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪيو ۽ جيستائين کين آزاد نه ڪيو ويندو ڌرڻو جاري رهندو.
ان کانپوءِ انتظاميا طرفان ڪجهه خاطرين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو جنهن کانپوءِ شاهراهه فيصل تي نرسري واري هنڌ وٽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي.
جي يو آءِ ترجمان موجب، ڌرڻو چونڊ نتجين خلاف هنيو ويو جدوجهد اڳتي به جاري رهندي.
ٻئي پاسي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جِي ڊي اَي) پاران چونڊ نتيجن خلاف سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج دوران عورتن سميت گرفتار ڪيل 150 ڄڻن کي آرٽلري ٿاڻي ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو ويو .
احتجاج دوران پوليس ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.
پوليس پاران ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي وئي، جڏهن ته عورتن سميت 150 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
هوڏانهن ڪراچي ٽول پلازا کي بند ڪري جي يو آءِ ڪارڪنن کي پوليس پاران روڪيو ويو.
ڪراچي-حيدر آباد موٽروي تي به جي يو آءِ ڪارڪنن جي موجودگي سبب ٽريفڪ متاثر ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.