ريحام خان جو 8 سالن کانپوءِ ٻي فلم ”چيما، چٺا اينڊ باجوا“ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽي وي هوسٽ، ليکڪ ۽ فلم پروڊيوسر ريحام خان تصديق ڪئي آهي ته هو 8 سالن بعد پنهنجي ٻي فلم ”چيما، چٺا اينڊ باجوا“ ٺاهيندي.

رپورٽس موجب 2016 ۾ ريحام خان پهرين فلم ”جانان“ ٺاهي هئي، جنهن ۾ علي رحمن، بلال اشرف ۽ هانيا عامر سميت ٻيا اداڪار شامل هئا ۽ هانيا عامر ان ئي فلم سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات به ڪئي هئي

انٽرويو ۾ ريحام خان اعتراف ڪيو ته سندس فلم ”جانان“ ڪامياب ٿي ۽ سٺو ڪمايو ان لاءِ هاڻي ٻي فلم به ٺاهي ويندي.

رحام خان ويجهڙ ۾ هڪ انٽر ويو پنهنجي شادين، ملڪي سياست ۽ وڌندڙ طلاقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن ٻڌايو ته ”جانان“ فلم گهٽ پيسن ۾ ٺاهي، ايترا گهٽ جو ٻڌائي به نٿي سگهان جڏهن ته ڪمائي گهڻي ٿي اها به نه ٻڌائي، هاڻي هن انڪشاف ڪيو آهي ته جلد هڪ فلم ”چيما، چٺا اينڊ باجوا“ جي نالي سان ٺاهيندي جيڪا پنجابي ٻولي ۾ هوندي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪهاڻي ڏاڍي پيار ۽ محنت سان لکي آهي ۽ فلم مڪمل طور رومانوي ۽ مزاحيا هوندي جڏهن ته ٻولي پنجابي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.