سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن ايم پي اي طور قسم کڻي ورتو.
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ 40 منٽ دير سان شروع ٿيو.
اجلاس جي شروعات ۾ ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي ۽ چونڊجي آيل سڀني ميمبرن کي واڌايون ڏي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان آهي ته هو سڀ آهن، سنڌ اسيمبلي خلاف ڌرڻو هنيو پيو وڃي، ان اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهيو آهي، ان جي توهين ڪرڻ نه ڏني ويندي.
آغا سراج دراني چيو ته روايتن موجب ايوان 5 سال هلندو، ايوان ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ميمبر کي به هو ڀليڪار ڪري ٿو.
هن چيو ته هو گڏجي ڪم ڪندا، جنهن کي تڪليف آهي اهو اليڪشن ٽربيونل وڃي، احتجاج ڪندڙن کي عوام رد ڪري چڪو آهي، هو کين ايوان ۾ گهڙڻ نه ڏيندا.
اجلاس دوران سڀ کان پهريان آغا سراج درانيءَ ايم پي اي طور قسم کنيو، جنهن ۾ چونڊيل آيل ايم پي ايز کي قسم کڻايو.
وڏو وزير سيد مرا دعلي شاهه، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻين قسم کنيو، ان موقعي تي پ پ جي ميمبرن طرفان جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ويا.
سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ قسم کنيو.
سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 114 جو واسطو پيپلز پارٽي سان آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن جو انگ 36 آهي جڏهن ته اڄ 148 ميمبرن قسم کنيو ۽ مجموعي طور تي 13 ميمبر حلف برداري تقريب ۾ حصو نه وٺي سگهيا.
پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار قسم کڻڻ نه آيا جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ جِي ڊي اَي ميمبرن ۾ حلف بردار تقريب ۾ نه پهتا.
پ پ جو نادر مگسي ڪار ريلي ۾ شرڪت سبب ڪراچي ۾ موجود نه هو جڏهن ته نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر سينيٽ جي سيٽ برقرار رکندا.
ان کانسواءِ پي ايس 129 تي حافظ نعيم جي سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو ۽ پي ايس 80 تي چونڊيل ميمبر عبدالعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو هو.
سني اتحاد ڪائونسل جي نون مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.