شاعر علي زريون به مهوش حيات جي فلم ۾ ڪاسٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور رومانوي شاعر زريون تصديق ڪئي آهي ته هو مهوش حيات، علي رحمن ۽ مومن ثاقب جي ڪاسٽ تي ٺهيل رومانوي فلم ”دغا باز دل“ ۾ نظر ايندو.

رپورٽ موجب علي زريون اداڪارا مهوش حيات سان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته عيدالفطر تي ريليز ٿيڻ واري فلم ۾ مرشد جو ڪردار کيس مليو آهي.

هن ٻڌايو ته فلم جي پهرين سين ۾ هو سنڌ جي صوبي جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي سخي حسن قبرستان تي مشهور شاعر جون ايليا جي قبر ڀرسان نظر ايندو.

علي زريون پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هو پهرين ڀيرو جون ايليا جي قبر تي حاضري پيو ڀري جڏهن ته فلمي ڪيريئر جو پهريون سين به اتي شوٽ ٿيو آهي. هن فلم جي ڪهاڻي بابت ته ڪجهه به ناهي لکيو پر هو ڏاڍو پرجوش ۽ خوش آهي ته کيس اهڙي فلم ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.