شازيا منظور جو لائيو شو ۾ ڪاميڊين تي تشدد

لاهور: ”چن ميري مکڻا“ تان شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي شازيا منظور ويجهڙ ۾ هڪ لائيو شو ۾ مشڪري ڪرڻ تي ڪاميڊين کي چماٽون وهائي ڪڍيون.

رپورٽ موجب ”بتيان بجائي رک دي“ ۾ پاڪستان جي ليجنڊري ڳائڻي شازيا منظور مشڪري ڪرڻ تي ڪاميڊين شيري ننها کي تشدد جو نشانو بڻايو.

شازيا منظور ڪاميڊين کي چماٽون هڻندي چيو ته گذريل وقت به اهڙو ڀوڳ برداشت ڪيو پر هن ڀيري سنجيدا آهيان، توهان عورتن سان اهڙي طريقي سان نٿا ڳالهائي سگهو.

هن چيو ته مونسان ”هني مون“ جي ڳالهه پيو ڪري، توهان عورتن سان ايئن ڳالهائيندا آهيو؟ توهان کي شرم نٿو اچي؟

ان تي محسن عباس حيدر ڪاميڊين ننها کي چيو ته هو اهو پڙهي جيڪو اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي پنهنجي طرفان ڇو اهڙي ڳالهه ڪيائين؟ جنهن تي آرٽسٽ ننها روئي پيو ۽ چيائين ته اها مشڪري هئي، هن ڄاڻي واڻي ناهي ايئن ڪيو. پر شازيا منظور جي ڪاوڙ ختم نه ٿي.

ان سموري واقعي کان پوءِ چيو ويو ته اهو سڀ ڊرامو هيو، ماڻهن جي تفريح لاءِ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.