رانچي ٽيسٽ: ڀارتي سورما پاڪستاني ڄائي شعيب بشير آڏو بيوس

رانچي( ويب ڊيسڪ) ڀارت، انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 219رنسون ٺاهي ورتيون جڏهن ته انگلينڊ جي پهرين اننگز جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 134 رنسون گهربل آهن.
رانچي جي جَي ايس سِي اَي انٽرنيشل اسٽيڊيم ڪمپليڪس ۾ جاري ٽين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن مهمان ٽيم پنهنجي اڻپوري اننگز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسن تان شروع ڪئي ۽ سموري ٽيم 353 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جوئي روٽ 122 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته اولي رابنسن 58 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڀارت طرفان راويندر جاڙيجا بهترين بالنگ ڪندي 4 انگلش بيٽرز کي پويلين ڀيڙو ڪيو، جڏهن ته آڪاش ديپ 3 ۽ محمد سراج 2 ۽ روي چندرن ايشون هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي
ڀارت طرفان ڪپتان روهت شرما ۽ يشسوي جئسوال پهرين اننگز جي شروعات ڪئي ۽ روهت شرما رڳو 2 رنسون ٺاهي جيمز انڊريسن جي پهريون شڪار بڻيو.
يشسوي جئسوال هڪ ڀيرو ڀارت لاءِ 73 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته شُڀمَن گِل 38، رجت پاٽيدار 17، سرفراز خان 14 ۽ راويندر جاڙيجا 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
اهڙي ريت ڀارت ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ست وڪيٽن جي نقصان 219 رنسون ٺاهي ورتيون، ڌاروَ جوريل 30 ۽ ڪُلديپ ياديو 17 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ جي شعيب بشير چار، ٽام هارٽلي ٻه ۽ جيمز اينڊريسن هڪ وڪيٽ ورتي.
رانچي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن
رانچي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن شروعاتي ٻن سيشن ۾ ڀارتي بالر ڇانيل رهيا 112 رنسن جي مجموعي اسڪور تي انگلينڊ جي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي.
شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ تجريبڪار بيٽر جوئي روٽ پهرين جوني بيئرسٽو ۽ پوءِ بين فاڪس سان ڀائيواري جوڙي انگلينڊ جي اسڪور اڳتي وڌايو، ان دوران جوئي روٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ڪيريئر جي 31 هين سينچري اسڪور ڪئي.
ٻين رانديگرن ۾ بين فاڪس 47، جوني بيئرسٽو 38 ، زيڪ ڪراولي 42 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ست وڪيٽن جي نقصان 302 رنسون ٺاهيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.