لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ن ليگ پاران پنجاب جي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز سان ملاقات ڪئي.
نگران وڏي وزير محسن نقوي، مريم نواز سان سندس رهائش گاهه جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ن ليگ طرفان وزيراعليٰ نامزد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون.
ان موقعي تي گفتگو ڪندي محسن نقوي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت وزيراعليٰ ٿيڻ هڪ روشن مثال آهي، اوهان جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان.
هن چيو ته يقين آهي ته اوهان پنجاب ۾ عوامي خدمت جي نئين تاريخ رقم ڪندئو، پنجاب ۽ عوام جي ڀلائي واري مشن ۾ منهنجو سهڪار اوهان کي حاصل هوندو.
مريم نواز سيد محسن نقوي جي نگران وڏي وزير طور عوامي خدمتن کي ساراهيو.
پنجاب جي نگران وڏي وزير صوبي ۾ ترقياتي ڪمن بابت نامزد وزيراعليٰ کي آگاهي ڏني.
نامزد وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته اوهان جي شروع ڪيل عوامي مفاد وارن منصوبن کي اڳتي وڌايو.
You might also like