موسميات کاتي جي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 25 فيبروري کان ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ ڪجهه ماڳن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي شهرن ۾ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته سڀاڻي اولهه هوائن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿيندو.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.