پنجاب حڪومت مفت بجلي ڪڏهن ڏيندي؟ ن ليگ جو جواب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چونڊ مهم دوران مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان آءِ ايم ايف سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان لاءِ اهو اعزاز آهي ته مريم نواز پاڪستان جي پهرين عورت وڏي وزير ٿيڻ واري آهي.

عظميٰ بخاري هيلٿ ڪارڊ بابت چيو ته مريم نواز وڏي وزير چونڊجڻ کانپوءِ صحت ڪارڊ بابت ٻڌائيندي.

نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته چئلينجز آهن پر مريم نواز کي پنهنجي والد نواز شريف جي سرپرستي حاصل آهي، نوجوانن بابت پروگرام جو خيال مريم نواز جو هو.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ڏسبو آءِ ايم ايف پروگرام جون ڪهڙيون شرطون آهن، ان کانپوءِ مفت بجلي ڏيڻ جو فيصلو ڪنداسين.

واضح رهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان مريم نواز کي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. 2024ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب مان 138 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 116 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.