سائنس: خراب جگر جي علاج جو نئون طريقو دريافت

ايڊنبرا (ويب ڊيسڪ) اسڪاٽش سائنسدانن هڪ نئون طريقو ڳوليو آهي جيڪو جگر جي موتمار مرض کي وڌڻ کان روڪي سگهي ٿو.

ڪٽنگ ايج ٿراپي اهو پهريون طريقو آهي جنهن جي مدد سان سروهسس جو علاج ڪري سگهجي ٿو.

سروهسس هڪ اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جنهن ۾ سڻڀ سان ڀرپور غذائون کائڻ، شراب پيئڻ، هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي ڊگهن انفيڪشنز جي ڪري جگر جا بافتا خراب ٿي ويندا آهن.

في الحال ان ڪيفيت کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ ڪا دوا يا طريقو موجود نه آهي.

يونيورسٽي آف ايڊنبرا ۾ ڄاڻايل هن علاج جي طريقي ۾ سائنسدانن طرفان مريضن کان رت جا نمونا ورتا ويندا آهن ۽ انهن مان مونوسائتس نالي اڇا سيلز ورتا ويندا آهن، اهي سيلز انفيڪشنز جي مزاحمت ڪندر سيلز آهن جيڪي عام طور تي ڪجهه ڏينهن تائين رت ۾ رهندا آهن ۽ بعد ۾ جسم جي بافتن ۾ ميڪروفيجز بڻجڻدا ويندا آهن.

سائنسدانن تجربي گاهه ۾ مونوسائٽس کي استعمال ڪندي وڏي انگ ۾ ميڪروفيچر ٺاهيا ۽ انهن کي مريضن جي جگر ۾ وجهي ڇڏيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سروهسس جي ڪيفيت ۾ مبتلا ماڻهن بيماري جي ڪري جگر کي پهتل نقصان جي ڪري گهٽ اثرائتا ميڪروفيجز ٺاهيندا آهن.

محقق پراميد آهن ته جسم کان ٻاهر ويندر هي سيلز متاثر جگر کي بهتر طريقي سان ٺيڪ ڪندي ڪيفيت کي ختم ڪري ڇڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.