ڪراچي پريس ٻاهران لڳل ڌرڻو ختم، 27 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

جِي ڊي اَي، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جو ڪراچي پريس سامهون لڳل ڌرڻو ختم
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چونڊ نتيجن خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جِي ڊي اَي )، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن پريس ڪلب سامهون لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب سامهون جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن پاران چونڊ نتيجن خلاف ڌرڻو هنيو ۽ اختيارن کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
احتجاج ڪندڙ پارٽين 27 فيبروري اڱاري ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.