”عمران خان ميانوالي مان اليڪشن وڙهي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرواري جلد آزاد ٿيندا جڏهن ته عمران خان ميانوالي مان چونڊ وڙهي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو .
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته دعا آهي ته جيترا به بي ڏوهه ماڻهو آهن پنهنجن ڏانهن هليا وڃن، پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي کڀيو ويندو آهي، ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ ڪونهي.
هن چيو ته 180 سيٽون پي ٽي آءِ باني کٽيون آهن، جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ان کي حڪومت ٺاهڻ گهرجي.
سندس چوڻ هوته عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جلد آزاد ٿيندا ۽ پي ٽي آءِ باني ميانوالي مان چونڊ وڙهي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا سمورا ڪيس بوگس آهن هو جلد ٻاهر ايندو، عدالتن جي سامهون اسان جا ماڻهو پيش ٿيندا آهن ساڻن انصاف ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.