چاليهه سالن جي عمر ۾ فٽ رهڻ جون تجويزون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چاليهن سالن جي عمر بعد فٽ رهڻ لاءِ هنن تجويزن تي عمل ڪري سگهجي ٿو.

چالييهن سالن جي عمر بعد اوهان کي کاڌ خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي.

چاليهن سالن جي عمر بعد پاڻ کي جسماني طور تي فعال بڻايو ۽ باقاعدگي سان ورزش ڪريو.

کاڌو سٺي نموني چٻاڙي کائڻ گهرجي، ان سان هاضمي وارو نظام درست طريقي سان ڪم ڪندو.

خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي، خوراڪ ۾ ميوا ۽ ڀاڄيون شامل ڪجن.

پروٽين سان ڀرپور شيون جيئن مڇي، آنا، داليون، کير به واپرائجي.

چاليهن سالن جي عمر بعد لوڻ ۽ گهڻي کنڊ کان پاسو ڪجي.

چاليهه سالن جي عمر ۾ دل بابت مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ننڊ ڪرڻ جسماني ۽ ذهني صحت ٻنهي لاءِ ضروري آهي، روز 7 ڪلاڪ ننڊ ڪجي.

سٺي صحت لاءِ مناسب پاڻي پيئڻ ضروري هوندو آهي.

هر ڇهه مهينن بعد پنهنجو چيڪ اپ ضرور ڪرائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.