بادام ڪهڙن طريقن سان کائڻ گهرجن؟ 5 طريقا

بادام هڪ خشڪ ميوو آهي جيڪو غذائي شين جو خزانو آهي.

سمورن خشڪ ميون مان بادام کي اسان جي صحت لاءِ بهترين ۽ فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

هن جو استعمال دماغ کي تيز ڪندو آهي، طاقت ڏيندو آهي ۽ ڪينسر سان وڙهڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي.

بادام کائن سان قوت مدافعت وڌندي آهي ۽ وزن به متوازن رهندو آهي.

عوامي آواز پاران ان کان اڳ بادام جي فائدن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته اڄ اوهان

کي بادام کائڻ جي طريقن جي حوالي سان ٻڌائينداسين.

اسنيڪنگ: (اسنيڪ طور کائڻ)

ڪچا يا ڀڳل بادام فوري توانائي وڌائڻ لاءِ صحتمند ناشتو هوندا آهن.

آلمنڊز بٽر: (بادام جو مکڻ)

هي ٽوسٽ، سينڊويچ يا ڊپس لاءِ ڪريمي اسپريڊ آهي، اوهان هن کي اسموٿيز يا دليي ۾ به استعمال ڪري سگهوٿا.

بيڪنگ: (پچائڻ)

گلوٽين فري آپشنز لاءِ پيسٽري ۽ ڪيڪ تي بادام جو اٽو يا ڪٽيل بادام آزمايو.

سلاد:

ڀڳل يا ڪٽيل بادام سلاد ۾ ڀوري وجهي ذائقيدار بڻائي سگهجي ٿو.

آلمنڊز ملڪ: (بادام جو کير)

هي شربت، ڪافي، کاڌو پچائڻ ۽ بيڪنگ لاءِ ڊيري فري کير جو متبادل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.