پاڻي ۾ ٿوم وجهي ڪمري ۾ رکڻ سان ڇا ٿئي ٿو؟ زندگي تبديل ڪندڙ عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڻي کانسواءِ زندگي جو ڪو تصور ناهي، پاڻي جي اهميت ڪير ان کان پڇي جيڪو هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ترسي رهيو آهي.

پاڻي نه هجي ته ڪو ڪم ڪرڻ ته ٺهيو پر انسان جيئرو به نٿو رهي سگهي، پاڻي صحت ۽ سونهن ٻنهي لاءِ اهم آهي.

پاڻي جي بوتل ۾ ٿوم جا ڪڻا وجهي اوهان گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي سگهو ٿا.

ان عمل سان اوهان کي اهڙو فائدو ملندو جيڪو اوهان جي زندگي تبديل ڪري ڇڏيندو، آخر ان عمل سان اوهان جي گهر ۽ زندگي ۾ ڪهڙا اثر پوندا، ان حوالي سان سموري خبر پڙهندا.

هڪ ليٽر پاڻي کڻو، ٿوم ٿوم جا وڏا ڪڻا پنج ٽڪر تيز پات به پنج ڪڻا، پاڻي سادو هجي، گرم يا ٿڌو نه هجي، هاڻي ان ۾ ٿوم جا پنج ڪڻا وجهي ڇڏيو ۽ تيز پات به وجهي ڇڏيو ۽ ڍڪ مضبوطي سان بند ڪري ڇڏيو، پنهنجي گهر ۾ جتي اوهان جو اٿڻ ويهڻ وڌيڪ هجي، اتي اها بوتل رکي ڇڏيو.

گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻين ته اسان جي ڀرپاسي ناڪاري ۽ هاڪاري توانائيون موجود هونديون آهن.

۽ اهو ضروري آهي ته اسان هاڪاري رهون، ان سان ئي اسان جا سڀ ڪم هندا رهندا آهن ۽ اسان جي صحت به سٺي رهندي آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي ڀرپاسي هاڪاري توانائي موجود هجي جڏهن اوهان اها ٿوم واري بوتل پنهنجي رهائشگاهه ۾ رکندا ته ان سان پنهنجي ڀرپاسي توانائي وڌي ويندي، اها ڳالهه هڪ حقيقت آهي، ته ڪجهه شيون ۽ ٻوٽا اهڙا هوندا آهن جن کي جيڪڏهن اوهان پنهنجي گهر ۾ رکو، ته ان جي ڪري گهر ۾ بيماري داخل ناهي ٿيندي ۽ سڀ گهر وارا خوش باش رهندا آهن.

ٿوم ۽ تيز پات به اهڙيون شيون آهن، جنهن جي ڪري گهر ۾ بيماري جا جراثيم داخل ناهن ٿيندا، کڻي ڪنهن به قسم جون بيماريون هجن ۽ اوهان جي گهر مان ناڪاري قوتن جو خاتمو ٿي ويندو، اهو ٽوٽڪو آزمايل آهي ۽ ان جا بهتر نتيجا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.