ڪوهلي ۽ انوشڪا جو پٽ ڀارتي هوندو يا برطانوي؟ دلچسپ سوال اُٿڻ لڳا

ڀارت جي سپر اسٽار جوڙي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ اداڪارا انوشڪا شرما وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ پٽ جي پيدائش ٿي جنهن جي شهريت بابت دلچسپ سوال جنم وٺڻ لڳا آهن.
جوڙي وٽ 15 فيبروري تي پٽ ” اڪي “ جي ولادت ٿي جنهن بابت ويرات ڪوهلي 20 فيبروري تي سوشل ميڊيا تي پيغام ذريعي مداحن کي آگاهه ڪيو.
انوشڪا ۽ ويرات ڪوهلي جي پٽ جي پيدائش ڪهڙي ملڪ ۾ ٿي آهي؟ ان حوالي سان ڪو به اطلاع سامهون ناهي آيو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آهي ته اسٽار جوڙي جي ٻئي ٻار جي پيدائش برطانوي راڄڌاني لنڊن ۾ ٿي.
ان ڏس ۾ مداح سوال اُٿاري رهيا آهن ته ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي پٽ جي شهريت ڀارتي هوندي يا برٽش؟
برطانوي قانون پٽاندڙ جيڪڏهن ڪو ٻار برطانيا ۾ پيدا ٿيندو ته تيستائين اتان جو شهري هوندو جيستائين سندس والدين يا ٻنهي مان ڪو هڪ برطانيا جو شهري نه هجي.
اهڙي ريت والدين طرفان ٻار جي پيدائش کانپوءِ اتي منتقل ٿيڻ تي ٻار کي برطانوي شهريت ملي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جو لنڊن ۾ پنهنجو گهر به آهي، پر سندن پٽ اڪي کي برطانيا ۾ ڀارتي پاسپورٽ جاري ٿي سگهي ٿو پر هو اتان جو شهري نه هوندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ”اڪي“ برطانوي شهري جي حيثيت ۾ رجسٽريشن ڪرائي اتي ڏهه سال رهائش اختيار ڪندو ته پوءِ کيس برطانوي شهريت ملي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.