عدت ۾ نڪاح ڪيس، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو فيصلي خلاف عدالت سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي عدت ۾ نڪاح ڪيس جي فيصلي خلاف سيشن عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
بشريٰ بي بي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پنهنجي وڪيلن عثمان گل، خالد يوسف ۽ سلمان صفدر ذريعي اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سول جج قدرت الله طرفان ٻه فيبروري تي ٻڌايل فيصلو حقيقتن جي خلاف آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 16 جنوري تي بشريٰ بي بي تي لاڳو ڪيل فرد جرم به غير قانوني آهي، اختيارن جي دائري جي درخواست بنا ڪنهن سبب جي رد ڪئي وئي، سول عدالت ٽرائل درست طريقي سان نه هلايو، بشريٰ بي بي ڪيس جي ڊسچارج ڪرڻ جي درخواست جو حق رکي ٿي.
بشريٰ بي بي طرفان داخل درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ خاور مانيڪا 6 سالن کانپوءِ شڪايت داخل ڪئي، اهڙي ئي درخواست اڳ ۾ شئي دانهيندڙ طرفان به فائل ڪئي وئي هئي، ٽرائل ڪورٽ رابطي جا قانون ڏٺا، طلاق بابت شريعت کي نظرانداز ڪيو، شڪايت ڪندڙ خاور مانيڪا ۽ شاهدن جا بيان تبديل ٿيندا رهيا.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ بشريٰ بي بي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪيو وڃي.
هوڏانهن پي ٽي آءِ باني عمران خان به ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي فيصلي تي اپيل داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.