آصفا کي بينظير ڀٽو جي سيٽ تان چونڊرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 196 قمبر – شهدادڪوٽ جي سيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
بلاول ڀٽو زرداري اين اي 196 قمبر – شهدادڪوٽ جي سيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته هو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 لاڙڪاڻي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو.
واضح رهي ته پ پ چيئرمين ٻن سيٽن تان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو هو.
بلاول جي ڇڏين سيٽ تي سندس ڀيڻ آصفا ڀٽو زرداري ضمني چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار هوندي.
واضح رهي ته ان تڪ تان ماضي ۾ بينظير ڀٽو به چونڊ وڙهي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.