ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ آءِ ايم ايف جا 26 مان 25 هدف پورا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ آءِ ايم ايف جي 26 مان 25 هدفن تي عملدرآمد مڪمل ڪيو ويو آهي.
مرڪزي بئنڪ کان حڪومت لاءِ قرض حاصل نه ڪرڻ ۽ ٻاهريون ادائيگيون وقت سر ڪرڻ جا شرط به پورا ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٽيڪس ايمنسٽي نه ڏيڻ جي شرط تي به مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرنسي ايڪسچينج ۾ 1.25 سيڪڙو جي ريٽ تي عملدرآمد جاري ڪيو ويو آهي، جنهن حوالي سان ناڻي واري وزارت رپورٽ آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.